دائود سهتو

دائود سهتو: ’تاريخ طاهري‘ ۾ سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي لکي ٿو ته: ”ڄام ارباب عمر شاهه درٻيلي ضلعي ۽ اتي جي اربابن ۽ سهتن جو حاڪم هو، هن کي ٻه پٽ ارباب دائود سهتو ۽ ارباب هالا سهتو هئا. جڏهن شاهه حسن بيگ ارغون جي سنڌ تي حڪومت هئي، ان وقت همايون بادشاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي. هن بکر ۾ اچي قلعي کي گھيرو ڪيو. قلعي اندر محمود ڪوڪلتاش هو. آخر محمود ڪوڪلتاش مجبور ٿي اچي همايون جي اڳيان پيش پيو. انهيءَ عرصي دوران ارباب عمر شاهه سهتو ۽ سندس پٽ دائود سهتو همايون بادشاهه جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيا ۽ شاهي فوج ۽ همايون بادشاهه جي وڏي خدمت ڪيائون. دائود سهتي ڏينهن رات هڪ ڪري شاهي لشڪر جي هر ضرورت کي پورو ڪيو. جنهن جي انعام ۾ همايون بادشاهه دائود سهتي کي سواري ۽ خلعت سان نوازي، پنهنجي هٿ اکرن ۾ هي فرمان لکي ڏنو:
”آءٌ همايون بادشاهه پٽ ظهيرالدين بابر بادشاهه جي حيثيت ۾ خدا جي خدائي ۽ رسالت جو اقرار ڪندي هي فرمان لکي ٿو ڏيان، ته جيڪڏهن خداوند ڪريم بکر جي حڪومت مون کي عطا ڪئي ته، آءٌ ان عهد تي قائم رهندس، مون درٻيلي جو پرڳڻو ارباب دائود پٽ عمر شاهه سهتي ۽ سندس اولاد کي بخش ڪيو آهي.“
همايون بادشاهه ان کانپوءِ بکر مان نڪري ٺٽي تي چڙهائي ڪئي. مرزا شاهه حسن ارغون کي جڏهن اها خبر پئي ته ڏاڍو پريشان ٿيو. همايون بادشاهه جي گهر واريءَ کي سفر دوران عمرڪوٽ ۾ اڪبر (949هه/ 1542ع) پيدا ٿيو. ٻئي طرف مرزا شاهه حسن ڊپ ۾ ٺٽو ڇڏي ريڻ درياهه ڏانهن هليو ويو. ڪجهه عرصي بعد جڏهن همايون بادشاهه هليو ويو. تڏهن محمود ڪوڪلتاش جي چرچ تي ميرزا شاهه حسن بيگ ڄام ارباب عمر شاهه سهتي، دائود سهتي ۽ هالي سهتي کي سخت سزا ڏيڻ جو فرمان جاري ڪيو. محمود ڪوڪلتاش ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هڪدم ارباب دائود کي جُوال (ڳوڻ) ۾ سبرائي بکر جي قلعي جي هڪ خوني برج تان درياهه ۾ اڇلرائي ڇڏيو ۽ باقي ٻن ڄڻن ارباب عمر ۽ ارباب هالي جون کلون لهرائي، انهن ۾ بُهه ڀرائي مرزا شاهه حسين ڏانهن ڏياري موڪليائين. انهن کانسواءِ ملا درويش محمد انباردار کي شهر ۾ سر عام سوريءَ تي چاڙهيو ويو.


لفظ دائود سهتوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو